اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم ??رم??ن شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلا?? مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن ??و پيغام موڪليو هو