اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي وزارت جي مجموعي ڪارڪرد??ي، ڪم جي طريقيڪار ۽ خبرن جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي ۽ پاليسي ب??بت آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نئين منصوبن تي به ڊپٽي چيئرمين کي ب??يفنگ ڏني. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان جي نوجوان طبقي جي لاءِ بهترين معلوماتي پروگرام ۽ تخليقي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جوڙڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ غور هيٺ آئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ??اڪ??تان ٽيليويزن جي ايوان جي ڪوريج جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته ??اڪ??تان ٽيليويزن اسان جو قومي اثاثو آهي ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ??اڪ??تان ٽيليويزن هر دور ۾ عوام تائين خبر پهچائڻ جي ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪئي آهي. هن چيو ته آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهن انهن جي لاءِ پي ٽي وي جي ماهرن جي مدد سان اهڙا پروگرام جوڙي جنهن سان آگاهي پکڙجي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پي ٽي وي جو نيٽ ورڪ ??اڪ??تان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي، پي ٽي وي جي ڪري آفت سٽيل علائقن تائين نشرياتي رابطن جي ذريعي پهچ انتهائي آسان آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ملڪ جي ثقافت ۽ علائقائي قدرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي ۾ پي ٽي وي جو تاريخي طور تي تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي انهن قدرن ۽ روايتن سان ڳنڍڻو آهي.