اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي علائقي شي زانگ ۾ تباهي آڻيند?? زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام ??ان يڪجهتي، ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان سانحي تي پوري پاڪستاني قوم سوڳوار آهي. هن سانحي جي متاثرين ۽ انهن جي خاندانن ??ان هم??رد??ءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ان ڏک ۽ مشڪل جي گهڙيءَ ۾ چين جي عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.