اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 03 ڏينهن جي سرڪاري د??ري تي ڏکڻ ڪوريا پهچي ويو. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ڏکڻ ڪوريا پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني، ٽي آءِ او ۽ پاڪستاني بزنس ايسو سي ايشن ڪوريا ۽ ٻين اختيارين سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي ان دوري د??ران پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ اقتصادي شراڪتداري معاهدي تي معاهدا پڻ ٿ??ندا جنهن سان ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي. واپار وارو وفاقي وزير دوري د??ران ڪوريا جي واپار واري وزير ?? اتان جي اهم سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ۽ ڪوريا جي صنعتي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏيندو. ڪوريا جي بينڪ ڪي- ايگزم سان مالي سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪوريا ۾ ترسيل پاڪستاني واپارين، ملازمن، پورهيتن ۽ ٻي برادري سان به ملاقاتون ڪندو.