اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم کي عالمي معيار ۽ ف??ل پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڀريندي چيو آهي ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طرف اهم قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ڪليڪٽر ڪسٽم?? ڪراچي زون جميل ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ نمايان خدمتن جي حوالي سان جميل ناصر ۽ ڪسٽم?? ڪراچي زون ۾ سندس ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ف??س ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم لاءِ 1.5 ڪروڙ روپيا روڪ رقم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم عيوض ڪسٽمز آپريشنز ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم کي عالمي معيار ۽ ف??ل پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته منصفاڻي، شفاف ۽ موثر ڪسٽمز س??ٽم کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪسٽمز نظام ۾ وڌيڪ سڌارا آندا وڃن جيڪي عالمي معيار سان هڪجهڙائي رکن، وزيراعظم چيو ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ملڪ ۾ ڪارو??ار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي جي حوالي سان هي س??ٽم هڪ اهم سنگ ميل آهي، فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ س??ٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طرف هڪ قدم آهي.