لاهور _ 26 ڊسمبر (اي پي پي ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر ن??في هاءِ ڪورٽ جي وقتي چي?? جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ وقتي چي?? جسٽس علي باقر ن??في کان سندس عهدي ج?? حلف کڻايو. حلف برادري تقريب لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز لائونج ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس علي ضيا باجوه، جسٽس وحيد خان، جسٽس طارق نديم، جسٽس عاصم حفيظ ، جسٽس شمس محمود مرزا ، جسٽس شهباز رضوي، جسٽس شاهد ڪريم، جسٽس عابد چٺه ۽ پرنسپل سيٽ تي ٻين ججن، پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب سيد فرحاد علي شاهه سميت ٻين لا آفيسرن کان علاوه اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي صدر بار احسن بون پڻ شرڪت ڪئي. واضع رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چي?? جسٽس، جسٽس عاليه نيلم اربع کان 2 جنوري تائين نجي دوري تي پرڏيهه ويل آهي سندس غير موجودگي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر ن??في لاهور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چي?? جسٽس جو فرض انجام ڏيندو.