راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، ??فيشل سيڪريٽ اي??ٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، ??ختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل ??هن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي اي??ٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور ت?? چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، ??فيشل سيڪريٽ اي??ٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، ??ختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل ??هن. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل ??هن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل ??هن. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.