غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ميگا ترقياتي منصوبن جي تڪميل سان ترقي ۽ خوشحال?? جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، ??سان کي پنهنجي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي، ??عودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ جديد شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ سان هي خطو خوشحال ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته گلگت بلتست??ن جي عظيم ۽ محب وطن ڀينرن ڀائرن سان ملي خوشي ٿي، ??ذر جي علائقي جو اڄ دورو ڪيو جتي 2022ع ۾ قدرتي آفت آئي هئي ۽ اتي پوري ڳوٺ جو نشانو مٽجي ويو هو، آگسٽ 2022ع ۾ هت??ن جو دورو ڪيو هو، تباهي ڏسي ڏک ٿيو، هڪ معصوم ٻارڙي ۽ سندس والد زندهه بچي ويا هئا، ان وقت ان ڳوٺ جي بحال?? جي هدايت ڪئي هئي، ??ت??ن جا ماڻهو اڄ پنهنجي گهرن جا مالڪ بڻجي ويا، زندهه بچي ويندڙ قوم جي ڌيءَ جي لاءِ پاڪست??ن جي حڪومت 50 لک رپيا سندس اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا هئا جيڪي اڄ 67 لک رپيا ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان سڀ الله تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪريون ٿا، قوم جي اها ڌيءَ محنت ڪري باوقار زندگي گذاريندي، ??ن ڌيءَ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سردين ۾ بجلي جو مسئلو شدت اختيار ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه علائقن ۾ پاڻ?? جي مسئلي ۽ يونيورسٽين ۾ ذهين شاگردن جي تعليم سميت انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٺوس فيصلا ڪيا. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پن بجل?? جي 2 منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ??نهن منصوبن تي تڪميل کان اڳ جيالوجيڪل سروي سميت مختلف سببن جي ڪري ڊگهو وقت گهربل هوندو آهي. هن چيو ته سردين ۾ بجل?? جي طلب 450 ميگاواٽ تائين پهچي وڃي ٿ?? جيڪو وڏو چئلينج آهي، ٽيڪنيڪل يونيورسٽ?? جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ??ڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ??ن جي شروعات ڪئي هئي، يونيورسٽي آف بلتستان ۽ ٻين منصوبن تي عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ڪجهه منصوبا مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتست??ن جي لاءِ بجل?? جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي هڪ سئو ميگاواٽ شمسي توانائي جو منصوبو لڳائيند?? جيڪو هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پنهنجي ذاتي نگراني ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪرائيندس. وزيراعظم چيو ته بلتستان يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن م??ن جيڪي پنهنجي فيس ادا نه ٿا ڪري سگهن ان مد ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي لاءِ 50، 50 ڪروڙ رپين جو فنڊز رکنداسين جنهن سان ان??ن شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا. هن چيو ته مواصلات وارو سيڪريٽري رستن جي معاملن ج?? حل لاءِ پوري گلگت بلتست??ن جو دورو ڪندو، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزير امير مقام، ڪشمير معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، گلگت بلتست??ن جي وڏي وزير ۽ گلگت بلتست??ن جي چيف سيڪريٽري کي عوام جي مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ان بابت فوري فيصلاسازي ٿي سگهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ موجود نوجوان اس??ن جو وڏو اثاثو آهن، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن، ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، ??ن سان ڪروڙين نوجوان باوقار طريقي سان روزگار حاصل ڪري سگهندا، انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي تربيت کي تيزي سان وسعت ڏئي رهيا آهيون، ??ن جو نوجوانن ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته گلگت بلتست??ن جي غيرتمند ۽ بهادر عوام عظيم قربانيون ڏئي ڊوگره راج کان آزادي حاصل ڪئي. هن يقين ڏياريو ته شهيدن جون قربانين ڀلي قيام پاڪست??ن جي لاءِ هجن يا گلگت بلتستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجن اس??ن جي بزرگن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن جو رت رنگ آڻيندو ۽ پاڪستان عظيم بڻجندو. هن چيو ته گلگت بلتستان خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت جي فروغ جي لاءِ پنهنجي قطر ۽ سعودي عرب جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ سيڙپڪاري ٿيندي، هتي سڄي دنيا مان سياح ايندا، هي خطو خوشحال ٿيندو، پاڪستان عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو.