اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ 26هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 95 شرڪت ڪندڙن جي هڪ گروپ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي ??في?? موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ انهن کي ??اڪ??تان جي پرڏيهي پاليسي، چئلينجز ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين مل?? ??اڪ??تاني مشنز جي ڪم بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. سيشن جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي سيڪريٽري حاضرين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان فڪرانگيز ڳالهه ٻولهه ڪئي.