اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ڀرپور ڌيان آهي، نيپرا فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سڄي ملڪ ۾ 86 پئسا في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، 5 آءِ پي پيز کي ??ند ڪيو ويو آهي، 8 وڌيڪ آءِ پي پيز سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ معاهدن تي نظرثاني ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان قوم کي جلد خوشخبري ??لندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ابرار احمد، ملڪ شاڪر بشير اعواڻ ۽ آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته نيپرا گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ 86 پئسا في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، اها گهٽتائي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ڌيان آهي، هلندڙ سال وفاقي حڪومت هڪ يونٽ کان 200 يونٽ تا??ين بجلي استعمال ڪندڙن جي لاءِ 50 ارب رپ??ا، جڏهن ته پنجاب حڪومت 201 کان 500 يونٽ تا??ين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 45 ارب رپ??ن جي سبسڊي ڏني. هن چيو ته ان سبسڊي کانسواءِ هر سال وفاقي حڪومت 300 يونٽ تا??ين بجلي استعمال ڪندڙ ڪنزيومرز کي 276 ارب رپ??ن جي سبسڊي فراهم ڪري ??ي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 174 ارب رپ??ن جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته لائيف لا??ين ۽ نان لائيف لا??ين ڪنزيومرز کي ساليانو بنيادن تي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن سال صارفين کي وڌيڪ سبسڊي ڏني وئي. هن ٻڌايو ته 5 آءِ پي پيز کي ??ند ڪيو ويو آهي، انهن قدمن سان معيشت کي اربين رپ??ن جو فائدو ٿيندو ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽس ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2024ع تا??ين سبسڊي فيول خرچن ايڊجسٽمينٽ ۽ 5 آءِ پي پيز جي ??ند ٿيڻ سان بجلي جي بلن تي تمام گهڻو فرق آيو آهي. هن چيو ته 8 وڌيڪ آءِ پي پيز جي حوالي سان قوم کي وڌيڪ خوشخبري ڏني ويندي. انهن آءِ پي پيز سان معاهدن تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن جا ريٽس گهٽ ڪيا ويا آهن، جنهن سان ڪيترائي سئو ارب رپ??ن جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته سرديءَ ۾ بجلي جا بل گهٽ ايندا آهن، ايندڙ گرمين جي موسم کان اڳ بجلي جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، معاشي انگ اکر مثبت آهن. هن چيو ته اسان معاشي بحالي طرف وڃي رهيا آهيون، بجلي جي معاملن تي حڪومت جو ڌيان آهي.