اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ ??ولت مشترڪه جي پرڏ??هي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير وزارتي اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار معاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت مشترڪه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏ??هي وزير ڊاڪٽر و??وي?? بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏ??هي وزير اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏ??هي وزير ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏ??هي وزير، ٽوگو جي واپار واري وزير ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.