اسلام آب??د – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي ??عاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ اه?? سفارتي ڪاميابي ج?? واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم تان پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي ??ي شعبي ۾ نوان موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان جي عالمي سطح تي مقبوليت ۽ اه??يت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اه?? ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم علائقائي ??من ۽ استحڪام کانسواءِ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ج??ڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تاثر پاڪستان پاران هڪ ڪامياب ميزباني عالمي سطح تي ان جو مثبت تاثر قائم ڪري سگهي ٿي ج??هن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي حص??دا??ي کي فروغ ملي سگهي ٿو. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان کي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ٿو. اهڙا موقعا ملڪن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪستان جي ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نادر موقعو آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪستان تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪستان کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ??ياستون شامل آهن جيڪي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اه?? ڪردار ادا ڪن ٿيون.