اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ نيو گوادر ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح ڪند?? قرار ڏنو آهي ته گوادر نه رڳو علائقائي ترقي جو محور پر پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گڏيل مستقبل ۽ گهڻ رُخي ترقي جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪ??يل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صنعت، زراعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اهي ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي، چيني وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورائتا آهيون، سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ آهي، اسان ملاقات دوران لاڀائتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ چين جي پختي عزم جا معترف آهيون، صدر شي جن پنگ، چيني عوام جو گوادر ايئرپورٽ جو تحفو ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان جي معاشي ترقي جي ايجنڊا ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، گوادر ايئرپورٽ سان نه رڳو گوادر پر پورو ملڪ ترقي ڪندو، سي پيڪ تحت ان م??صو??ي کي مڪمل ڪيو ويو، يقين ڏياريان ٿو ته نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد پر چين ۽ پاڪستان جي عوام جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندس.
هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي تڪ??يل جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن سان ا??و عالمي معيار جو م??صو??و مڪمل ٿيو، چين پاران پاڪستان جي لاءِ اهو يادگار تحفو سدائين ياد رهندو. ان موقعي تي م??صو??ابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن ا??بال پڻ خطاب ڪيو.