اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏ??ڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم د??شتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر ۽ ڏ??ڻ وزيرستان ۾ مختلف جهڙپن دوران خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز کي ساراهيو ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڪاررواين دوران جان جي قرباني پيش ڪندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رکنداسين. هن چيو ته پوري قوم د??شتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪي?? ۽ ??هيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.