لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان م??اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مشترڪه سان پاڪستان جي وابستگي ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي ٿورا مڃيا. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي دوري دوران م??ندڙ مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان م??سمياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي مسئلن تي تعاون جي خواهش ??و اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مشترڪه سربراهي اجلاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصو?? اجاب خان جي پيٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ کي پيش ڪئي.