اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آه??، ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪ??ڻ جي سازش آه??. دشمن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪ??ڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪ??رر??ائي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آه??. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاء?? نه ملندي. گهرو وزير چيو ته بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آه??ون. امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آه??ون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪ??رر??ائين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آه??. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.