اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري جعلي خبرن ۽ غ??ط معلومات جي ڦهلاءُ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا چيئرمين محمد سليم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته ميڊيا معاشري ۾ رواداري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي ??عل??ٰ ترين معيار کي برقرار رکي. صدر چيو ته جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي جي ڪري نوان چئلينجز درپيش آهن، ميڊيا عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ذميواراڻو ۽ تعميري ڪردار ادا ??ري. هن چيو ته غ??ط معلومات ۽ پروپئگنڊه جي حوالي سان ضا??طه اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرجي. صدر جديد ٽيڪنالاجي ۽ باصلاحيت انساني وسيلن سان پيمرا جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪ جو بهتر تشخص ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت شعور اجاگر ??ري. پيمرا چيئرمين صدر کي ميڊيا منظرنامي جي ريگيوليشن ۽ ترقي ۾ پيمرا جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پيمرا چيئرمين صدر کي پيمرا رپورٽ 23 – 2021ع پڻ پيش ڪئي. صدر ملاقات ۾ پيمرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.