اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آه??، ته 5 آگسٽ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آه??، ڀارت 2019ع ۾ ان ڏينهن تي غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم ک??ي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. 5 آگسٽ تي دنيا آڏو نه رڳو ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو، پر ڪشميرين تي ختم نه ٿيندڙ ظلم پڻ سڀني آڏو واضح ٿيو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کان خاص حيثيت کسي انسانيت خلاف ڏوهه ۽ ڪشميري قوم جي سڃاڻپ ختم ڪ??ڻ جي سازش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري نوجوانن کي روزانو جعلي مقابلن ۽ هٿ ٺوڪين سرچ آپريشنن ۾ عدالت کان مٿانهان قدم ک??ي کين شهيد ڪيو پيو وڃي. ڪشميري قيادت قيد ۾ آه??، هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو کليل جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آه??، ڀارت جا سمورا ظلم ان باوجود به ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي گهٽائي نه سگهيا آه??. هن چيو ته والاريل ڪشمير ج?? بحران عالمي برادري جي بي حسي جو نوحو آه??، عالمي برادري کي ڪشميري عوام جي آواز تي جاڳڻو پوندو، انشالله ڪشميري ڀائر ۽ ڀينرون آزادي جو سج ضرور ڏسندا. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آه?? ۽ هر فورم تي سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي امداد جاري رکندي.