اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرف??ن اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف ??هي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران ??ي وقتي پرڏيهي وزير علي ??اقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران ??ي وقتي پرڏيهي وزير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام طرف??ن اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف ??هي. ايراني وقتي پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم س??ن ان معاملي ??ي پرڏيهي وزيرن يج سطح تي گهرايل او آءِ سي جي غيرمعمولي ??جلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزيراعظم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ??جلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪست??ن ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.