اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فتوائون جاري ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست بڻائڻ جي ڪوشش جي اسان سڀني کي مذمت ڪرڻي پوندي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ قانوني حدون پار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، دهشتگردي ۽ عدم برداشت معاشري کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، چيف جسٽس ??ٺي ساک رکندڙ آهي، انارڪي ۽ ڏڦيڙ جو سبب بڻجندڙ بيانن جي ڪن??ن کي به اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان بار ڪائونسل ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته افغان جنگ کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏيون تبديليون آهن، پاڪستان جو سماجي چهرو گهڻي حد تائين تبديل ٿيو آهي، هڪ وڏو چئلينج دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي صورت ۾ سامهون آيو، سماجي ۽ مذهبي سطح تي اهڙن روين اسان جي معاشري کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. هن چيو ته فتويٰ جاري ڪرڻ ۽ رياست اندر رياست بڻائڻ جي رواج جي اسان سڀني کي مذمت ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس ???? حوالي سان جيڪي خبرون سامهون آيون ته هڪ گروه پنهنجو قانون مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فتويٰ جاري ڪئي آهي، اهو نه رڳو مذمت جوڳو آهي پر اهو ڏوهه به آهي ان تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، ان تي گرفتاريون ٿينديون ۽ رياست جي ان تي زيرو ٽالرنس هوندي. هن چيو ته هر شيءَ جي هڪ حد هوندي آهي. رياست انساني حقن يا اظهار راءِ جي آزادي جي ويس ۾ ڪن??ن کي به اها اجازت نه ڏيندي ته جنهن کي جيڪو وات ۾ اچي اهو چئي ڇڏي، جتي قانون جي حد پار ٿيندي يا قانون ٽوڙيو ويندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته اسان کي مسلمان هجڻ ۽ پنهنجي ايمان تي فخر آهي، اسان جي والدين جي تربيت آهي ته اسان جو الله تعاليٰ جي ذات تي ڪامل ايمان آهي. اسان حضرت محمد صل?? الله عليه وآله وسلم جا امتي آهيون ۽ ان سان محبت ڪريون ٿا پر اسان جي دين اسان کي اهو سبق ڏنو آهي ته ڪهڙو ڪم رياست جي ڪرڻ جو آهي ۽ ڪهڙو ڪم ماڻهو جي ڪرڻ جو آهي، اسان کي ان سبق کي نه وسارڻ گهرجي ۽ ڪن??ن کي به اها اجازت نه هجڻ گهرجي ته رياستي معاملن کي پنهنجي هٿن ۾ کي يا ڪن??ن جي جان جي باري ۾ فتويٰ جاري ڪري. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نصاب ۾ مذهبي عدم برداشت، سماجي عدم برداشت ان تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان اهو نسل تيار ڪريون جيڪو هن ملڪ کي واپس امن ۽ سڪون طرف وٺي اچي، اسان کي ان بدعتن ۽ فرقن مان ڪڍي. هر پاڪستاني جي حفاظت رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪندڙ ڪو به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ تصور نه ڪري. هن چيو ته چيف جسٽس ??ف پاڪستان هڪ وڏو نيڪ نالو ۽ اصول پسند جج آهي، هو پاڪستاني آهي، قانون ۽ شعريت موجب فيصلا ڏي ٿو، ڪن??ن شخص کي اهو حق ناهي ته هو ڪن??ن عدالتي فيصلي ج?? حوالي سان ڪن??ن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏي يا فتويٰ جاري ڪري. حڪومت پوري طرح پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، صوبائي حڪومتون به رابطي ۾ آهن، اها هڪ مهم آهي جنهن کي اسان کي روڪڻو آهي، ان تڪليف ڏيندڙ صورتحال مان اسان سڀني کي ملڪ کي ڪڍڻو آهي.