اسلام آباد – 16 – جو??ائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سلطنت عمان جي گادي واري شهر مسقط ۾ امام بارگاهه تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري و??قع?? ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جو?? همدرديون مارجي ويلن جي پونئيرن ۽ عمان جي عوام سان گڏ آهن. صدر و??قع?? ۾ مارجي ويل پاڪستاني شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.