اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪم??نر فليپو گرانڊي ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگيرن تي خصوصي ڌيان سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسي?? مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪم??نر فليپو گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??کي?? افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ تعاون کي ساراهيندي ان کي ملڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي يو اين ايڇ سي آر جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انساني صورتحال سان عالمي ڌيان کي ??کي?? افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي يڪجهتي جي مسلسل مظاهري ۽ عالمي ذميواري ۽ بار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري سان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪم??نر افغان پناهگيرن کي ضروري امداد جي فراهمي ۽ انهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.