اسلا م آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ پڻ آبا??ي جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ تي ملهايو ويندو،ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي آبادي ۾ اضافي ۽ ان جي اثرن طرف ڌيان ڇڪائڻ آهي،جڏهن ته آبا??ي جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادي ۾ اضافي سبب پي??ا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو.گڏيل قومن پاران آبا??ي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري 1989 ۾ ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي دنيا جي م??تلف ملڪن ۾ ملهايو وي??دو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ عالمي طور تي آبادي ۾ اضافي سبب پي??ا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي روشني وڌي وين??ي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويندا.