بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان م??نجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طو?? تي گوادر جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف ??نص??بن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي ترقي تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي هن سال مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي اميد آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ ترقياتي ??نص??بن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين ??نص??بن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??نص??بن کي جلد لاڳو ڪرڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويزن کي فروغ ملندو.