اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ٻطرفن گڏيل لاڳاپن کي وڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هن برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن ??ي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد بحالي تي زور ڏنو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي برطانوي وز??راعظم رشي سونڪ ۽ پرڏيهي وز??ر لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن کي وڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي ??چ ۾ پراڻا تاريخي لاڳاپا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ ڀرپور سياسي خيرسگالي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني وڃي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وز??راعظم ملاقات ۾ حڪومت جي معاشي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. ان سلسلي ۾ وز??راعظم واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، عوام جي ??چ ۾ رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن ??ي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ برطانيا جي ??چ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد کان جلد بحالي تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين کي آساني ملندي. هن برطانوي هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو شاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس نيڪ خواهشون پهچائي ۽ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صحتيابي کانپوءِ هو پاڪستان جو دورو ڪندو.