برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ايف جي دعوت تي بيلجيئم ۾ ٽئين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير گڏيل خوشحالي، اقتصادي استحڪام ۽ سيڙپڪاري جي موضوع تي گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي عا??مي حصيداري جي م??تق??ل جي رستي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ورڇ ڪندڙ بلاڪ پاليٽڪس ۽ وڏي طاقت جي مقابلي جي تصورن کان پري وڃڻ جي گڏيل ذميواري تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته عا??مي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ويج??ي تعا??ن ۽ گهڻ رخي شعبي عا??مي حصيداري جي ضرورت آهي. هن عا??مي ڊيجيٽل تعاون جي مرڪزن جي ترقي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سائوٿ – سائوٿ ٽه رخي تعاون جي نقطه نظر جي تجويز پيش ڪئي.