ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيڻ سان تڪرار وڌندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامس“ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ??يو. نگران ??زيراعظم چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ڊيجيٽل اڪانومي ايندڙ دور ۾ اهميت رکندڙ هوندي، منهنجي راءِ ۾ جيڪو معاملو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها معاشي چٽاڀيٽي نه پر اسٽريٽجڪ ??ٽاڀيٽي آهي، اسٽريٽجڪ ??ٽاڀيٽي معاشي چٽاڀيٽي تي حاوي ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ضروري آهي، وقت سان گڏ مسئلن جو حل ضروري آهي. هن چيو ته تيز رفتار ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻو پو??دو، سڀني جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي برابر حاصل ڪرڻ يقيني هجڻ گهرجي، ان سان صحت جي خدمتن کان ??ٺي سماجي شعبي تائين اثر پو?? ٿا، ٽيڪنالاجي جي صورت ۾ جڏهن اسٽريٽجڪ ??ٽاڀيٽي وڌي ٿي ته ان سان ترقي يافته 21 هين صديءَ ۾ سائنس جي ترقي مان ??ڌيڪ فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيندي ته ان سان تڪرار وڌيڪ وڌندا، ان ??عاملي کي غور هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ سان ??عاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.