اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) انٽيلي جنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وزير محمد سميع سعيد، رٿابندي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، قانون واري وزير احمد عرفان اسلم، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار وقار مسعود، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هلندڙ مالي سا?? دوران انٽليجنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي اضافي فنڊن جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. انٽيليجنس بيورو طرفان ڪميٽي کي دهشتگرد?? جي واقعن ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا جوابي قدم ضروري آهن. ڪميٽي آءِ ب?? جي اپ گريڊيشن، فني بهتري ۽ بيورو جي سرگرمين لاءِ ضروري بنياد تي فني ضمني گرانٽ جي صورت ۾ فنڊن جي فراهم?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل يوريا سا?? گڏ ٻاهران گهرايل يوريا جي باسڪٽ پرائس ۽ وڪر?? جي طريقيڪار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي ويٽڊ اوسط قيمت جي منظوري ڏيندي نيشنل فرٽيلائيزر مينوفيچڪرنگ لميٽيڊ ڪمپني کي قيمتون مناسب رکڻ جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار وزارت کي سڄي عمل جي نگران?? جي هدايت ڪئي. اي سي سي قومي صحت واري وزارت جي سمري تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائيزيشن لاءِ 3568.56 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي صوبن کي التوا ۾ پيل رهتون ڪليئر ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ سبسڊي گرانٽ ايگريمينٽ (ايس جي اي) جي ضميمه تي صحيحن بابت ناڻي واري وزارت جي سمر?? جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سمري تي 100 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اها گرانٽ پاڪستان هاڪي ٽيم جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت ۽ راندين جي ٻين سرگرمين سميت ڀارت سا?? ڊيوس ڪپ ۽ شطرنج جي مقابلن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي.