??وئ??ٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ اڱاري ڏينهن ??وئ??ٽا جو هڪ ڏينهن جو دور?? ڪندو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ٽيليويزن ??وئ??ٽا جي پهرين هزارگي زبان جي پروگرام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندو. بعد ۾ نگران وزيراعظم بلوچستان ۾ پرائيم منسٽر اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم بلوچستان جي يونيورسٽين جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.