اسلام آباد – 24 – ??ومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، دماغ?? صحت ۽ تندرس??ي بابت شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ جي لاءِ ان??ن جي حقن جي حمايت جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو روٽري ڪلب جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهي ??ُئي. هن چيو ته انهن موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي، خصوصي ماڻ??ن جا حق هجن يا دماغ?? صحت جو معاملو هجي، ان سلسلي ۾ اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي حمايت جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته عورتن جو هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ??و، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عورتن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري 44000 موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جن??ن جي لاءِ بيماري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي ??يدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ذڪر ڪيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ميموگرافڪ جي ناڪافي سهولتن جي ڪري موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جون عورتون بشمول 14 – 12 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ٿي رهي اهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي ??اڻ جانچ جي 5 منٽ جي معمولي کي سکن ۽ پنهنجي علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻين عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن سمورن شرڪت ڪندڙن کان ذهن?? صحت جي اهميت ۽ خصوصي ماڻ??ن جي حقن جي لاءِ پيغام ڦهلائڻ جو وچن پڻ ورتو. هن چيو ته دماغ?? صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جن??ن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهن?? صحت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغ?? صحت جي مسئلن جو شڪار آهي ??ر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.