ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تع??يم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ۾ به??رين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي به??ري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تع??يم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ مالي ۽ انتظامي مس??لن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مس??لن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تع??يم جي شعبي ۾ به??ري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تع??يم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تع??يم جي شعبي ۾ ڪوالٽي جي مس??لن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪند??، نگران حڪومت تع??يم جي شعبي ۾ به??رين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جي مس??لن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مس??لن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪوالٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تعليمي ادارن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.