اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو“ تحت ”چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ملڪ گير تصويري مقابلي جي لاءِ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي سوين درخواستون ملي چڪيون آهن. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شروع ڪيل ”ملڪ گير بهترين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبا تصويري مقابلو) ۾ شامل ڪئي ويندڙ تصويرن جي وصولي جي آخري تاريخ 7 آڪٽوبر 2023ع آهي. تصويري مقابلي جي ٽائيم لائين موجب ”انفراسٽرڪچر اينڊ ڊيولپمينٽ، پيپلز اينڊ اسٽوريز انوائرمنٽل امپيڪٽ“ جي ڪيٽيگريز م پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن بابت تصويرون 7 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون جڏهن ت?? 8 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ناليوارن فوٽوگرافرن، فنڪارن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن تي ٻڌل پينل پاران حتمي فيصلي کانپوءِ مقابلي ۾ فتح ماڻيندڙن جو اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي حصيداري سا?? انعام ورهائڻ واري تقريب ۽ نمائش 12 آڪٽوبر 2023ع تي ٿيندي جنهن ۾ ناليواريون شخصيتون، عملدار ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان مقابلي جي لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪالهه خميس ڏينهن فالو اپ اجل??س جي صدارت ڪئي. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مصطفيٰ سيد کانسواءِ اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي رئيسه عادل ۽ وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن جي ??ين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. عنبرين جان پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي وزارت ۽ ان سان واڳيل ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي، پي آءِ ڊي، اي پي ونگ، آئي پي ونگ، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبليڪشنز ۽ ??ين ادارن جي ملٽي ميڊيا پليٽ فارمز استعمال ڪندي تصويري مقابلي کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. مصطفيٰ سيد اجلاس کي ملڪ گيري تصويري مقابلي جي مقصدن، ان جي طريقيڪار ۽ ٽائيم لائين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي تصويري مقابلي جي لاءِ سوين درخواستون مليون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ هڪ ??ير??رڪاري، ??ير??انبدار ۽ ??ير??ياسي ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا پاڪستان ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ ايوارڊز کٽيندڙن جي لاءِ چين جي دوري جو به اهتمام ڪندو. خميس ڏينهن ٿيندڙ اجلاس 25 سيپٽمبر تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجل??س جو فالو اپ هو جنهن دوران اطلاعات واري سيڪريٽري چيو هو ته تصويري مقابلو سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو.