اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يبيا ۾ ڊيم ٽٽُي پوڻ ۽ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ?? پاڪستان ۽ ان جي عوام جون همدرديون ليبيا جي عوام سان گڏ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ليبيا جي شهر ڊرنا ۾ ٻوڏ سان قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ۽ قدرتي آ??ت ۾ ليبيا ۽ ان جي عوام سان ي??جه??ي جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته عالمي برادري مشڪل جي هن گهڙيءَ ?? انساني همدرديءَ جي بنياد تي ليبا جي عوام کي ريليف پهچائي. هن فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.