ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي پراڻي م??ئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته سمورن مسئلن کي جلد کان جدل حل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وس??لا استعمال ۾ آندا ويندا. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??رو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. وفد ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، قائم علي شاهه، سيد مراد علي شاهه ۽ سعيد غني شامل هئا.