اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح عوام، جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ تاريخي ڪردا ادا ڪيو، آمريت جي خلاف ڄمي بيٺي، هن تحريڪ پاڪستان ۽ ملڪ جي لاءِ بي مثال ڪم ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون، ??وم مادر ملت جي احسانن جي مقروض رهندي. مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي سندس 130 هي?? پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ت?? محترمه فاطمه جناح هڪ عظيم ڀاءُ جي عظيم ڀيڻ هئي، فاطمه جناح ??وم جي لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي، ??وم تي سندس تمام گهڻا احسان آهن. هن چيو ت?? محترمه فاطمه جناح باباءِ ??وم جي لاءِ حوصلي ۽ همت جو ذريعو ??ئي، مادر ملت آمريت جي خلاف ڄمي بيٺي، عوام، جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، محترمه فاطمه جناح تحريڪ پاڪستان ۽ ملڪ جي لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون. هن چيو ت?? محترمه فاطمه جناح جي شخصيت اڄ جي ٻارڙين ۽ عورتن جي لاءِ مشعل راهه آهي، ??وم مادر ملت جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين ان جي احسانن جي مقروض رهندي.