اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پن??نج?? لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ برطانيا ۽ ملاوي جي نامزد ه??ءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جن پن??نج??ن سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ برطانيا جي نامزد ه??ءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان برطانيا سان پن??نج?? پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻ??ي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم ڪر?? ۽ ??ن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پ??عزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پن??نج?? گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ کليل آهي ۽ پن??نج?? معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پاڪستان ۾ ملاوي جي نامزد ه??ءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي صدر ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ پ??ڪستان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پن??نج?? ڪردار ادا ڪندا.