اسلام آباد_ 09 ??ول??ءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مادر ??لت محترمه فاطمه جناح کي سندس 56 هين يوم وفات تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر ??لت محترمه فاطمه جناح قوم لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي، قوم تي سندس احسان آهن. وزيراعظم چيو آهي ته محترمه فاطمه جناح باباءِ قوم لاءِ همٿ ۽ حوصلي جو ذريعو هئي، هن آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو ، عوام جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون، محترمه فاطمه جناح اڄ به عورتن ۽ نياڻين لاءِ مشعل راه آهي، هن چيو ته قوم مادر ??لت کي پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ قوم سندس احسانن کي هميشه ياد رکندي.وزيراعظم قوم کي مادر ??لت جي بلند درجات لاءِ دعا کي اپيل ڪئي.