اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي ادارن خل??ف گهٽيا، مڪروه ۽ چڙ ڏيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، ڪجهه ڌريون پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ دشمني ۽ غداري ڪري ر??يون آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ملڪ ۽ رياست خل??ف مهم اها ئي پراڻي آهي، صرف چهرا بدلجي ر??يا آهن، چهرا بدلجي ويا آهن پر ايجنڊا هڪ ئي آهي، 9 مئي واري ايجنڊا پرڏيهه ۾ ويهي پراڪسيز ۽ ڪٺ پتلين ذريعي هلايو پيو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سياسي شدت پسندي جو واقعو ٿيو ته عمران خان ذميوار هوندو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جو مرض لاعلاج آهي جيڪو اقتدار ڦرجڻ کانپوءِ ذهني ڪيفيت جو شڪار آهي، هن چيو ته (Fear of missing out) محرومي کانپوءِ فومو جي بي بنياد پروپيگنڊا، الزامن، فسادن ۽ سازشن جي منصوباسازي ۾ مصروف آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته رياستي ادارن خل??ف پروپيگنڊا جي ڪنهن به قيمت تي اجازت نه ڏينداسين. ڪنهن به سياسي انتهاپسندي يا مس ايڊوينچر جو ذميوار 9 مئي جو منصوبي ساز هوندو. مريم اورنگزيب چيو ته توشاخانه جو ٽرائيل شروع ٿي ر??يو آهي، ڪرپشن جا ثبوت سامهون اچي ر??يا آهن، ان لاءِ عمران خان کي هڪ ٻي سازش گهربل آهي. هي چريو ۽ ذهني مريض آهي جنهن کي چرين جي اسپتال ۾ هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪڏهن سائفر، ڪڏهن راڪيٽ لانچر سان ق??تلاڻو حملو، ڪڏهن حورن وارا ٽڪا، ڪڏهن حضرت عيسيٰ ۽ ڪڏهن ق??آن پاڪ جي حوالي سان بيهوده بيان بيمار ذهنيت جو ثبوت آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت 2017ع ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هي ذهني مريض ۽ چريو آهي جنهن کي چرين جي اسپتال ۾ هجڻ گهرجي. فتنو ملڪ ۾ لاش، افراتفري ۽ فساد چاهي ٿو، پنهنجي ڪرپشن، ڪوڙ ۽ ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مٿي تي بالٽي، ڏٻو ۽ ڊسٽ بن وجهي حربا استعمال ڪري ر??يو آهي، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان آفيسرن تي پنهنجي قتل جا ڪوڙا الزام لڳايا، ثبوت گهريو ويو ته چيو ته ڪو به ثبوت ناهي ماڻهن کان ٻڌو آهي، پنهنجو ڪوڙ، سازش ۽ پروپيگنڊا پکيڙڻ لاءِ ڪجهه يو ٽيوبرز ۽ ولاگرز کي ”پراڪسي“ طور استعمال ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته هي اها ئي گهٽيا ذهنيت آهي جنهن لسٻيله هيلي ڪاپٽر جي شهيدن خل??ف غليظ مهم هلائي هئي. ملڪ ۾ سياسي انتهاپسندي جو ذميوار فارن ايجنٽ آهي، جنهن پنهنجي پراڪسيز ذريعي 9 مئي ڪرايو، ذهن سازي ڪئي، منصوبابندي ڪئي ۽ پنهنجي جٿن سان رياست خل??ف دهشتگردي ڪرائي، فارن ايجنٽ سرڪاري ۽ حساس عمارتن تي حملا ڪرايا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرائي، فتني ايمبولينسز ساڙايون، ريڊيو پاڪستان، مسجدون، اسڪول ساڙايا، وفاقي وزير چيو ته پنهنيج لابيٽس، پرڏيهي ميڊيا کي پنهنجي ڪوڙي بياني جو مواد ڏيڻ لاءِ اهي حرڪتون ڪري ر??يون آهي.