اسلام آباد – 14 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ??ال?? مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سيا??ي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ??ال?? مقبول صديقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ سنڌ خاص طور تي شهري علائقن جي لاءِ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن ڪراچي ۾ پاڻي جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سالن کان تعطل جو شڪار ڪي – فور منصوبي ج?? پيڙهه جو پٿر رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. ??ال?? مقبول صديقي ملڪي سامونڊي علائقن ۾ بپرجوائي طوفان جي امڪاني اثرن جي ڏس ۾ رياست جي سم??رن وسيلن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.