اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصا??ي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪن??و، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ڪوريا سياسي، اقتصا??ي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ??اء?? سمورن حصيدارن کي ڀليڪار چوي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪن??و، پاڪستان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ جي ??اء?? ڀليڪار چوندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي ??اء?? ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري حصيدار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي ??اء?? راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ??دا??ن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.