اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايران جي نائب پرڏيهي وزير علي باغيري ڪني ٻنهي ملڪن جي قيادت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ ٻنهي طرفن جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. ٻطرفي واپار کي ??ڌائڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل اقتصاد?? ڪميشن ۽ گڏيل واپار?? ڪميٽي سميت مختلف اداراجاتي مڪ??نزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ ۽ گڏيل ڳڻتي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي ??ضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي ??عمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي. هن پنهنجي ايراني هم منصب کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز جي لاءِ ايران جي ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي وزير حسين ام??ر عبدالله سان ملاقات ڪئي. هن اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي ??ضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پارليامينٽ ميمبر/ پاڪستان – ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين احمد ام??ر آبادي فرحاني سان جدا ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پارلياماني مٽاسٽا کي ??ڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي رابطن ۽ واپاري فروغ جي اهميت کي ??ڻ اجاگر ڪيو. تهران ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ناليواري ايراني ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ انٽرن??شن?? اسٽڊيز جي ايراني دانشورن ۽ اسڪالرز سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي هنن خطي ۾ ام?? ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي.