اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (??ي ??يس ڊي پي) تحت روينيو ڊويزن جي 12 جاري ۽ 4 نئين من??وبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3200 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن ۾ 300 ملين رپين جي پرڏيهي امداد پڻ شامل آهي. ??ي ??يس ڊي ??ي ??ستاويزن موجب جاري من??وبن ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس ايبٽ آباد ۾ ايڊيشنل آفيس بلاڪ جي تعمير جي لا??ِ 84.65 ملين رپيا، آر ٽي او ساهيوال ۾ اضافي بلاڪ جي تعمير لاءِ 282 ملين رپيا، ڪسٽمز ڪمپليڪس سوست آفيس جي من??وبن لاءِ 250 ملين رپيا، ماڊل ڪسٽمز ڪلڪٽوريٽ گوادر جي تعمير لاءِ 124.24 ملين رپيا، انٽيليجنس اينڊ انويسٽي گيشن افيس ڪراچي جي تعمير جي لاءِ 125 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس اسلام آباد جي تعمير لاءِ 124.63 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس سرگوڌا جي تعمير لاءِ 300 ملين رپيا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي معاونت سان اينٽگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ 415.62 ملين رپيا، بلوچستان ۾ مختلف ڪسٽمز چيڪ پوسٽس جي تعمير جي لاءِ 432.71 ملين رپيا، غلام خان ۾ آفيس ۽ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي من??وبي لاءِ 50 ملين رپيا، پاڪستان ريزيز روينيو پروگرام جي لاءِ 200 ملين رپيا ۽ اماڪ ڊي آءِ خان ۾ ڪسٽمز هائوس چيڪ پوسٽ جي تعمير جي من??وبي لاءِ 42.12 ملين رپين جي فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ دستاويزن موجب روينيو ڊويزن جي 4 نئين من??وبن جي لاءِ مجموعي طور تي 680.52 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، نئين من??وبن ۾ گوادر ۾ زونل آفيس اينڊ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي من??وبي لاءِ 50 ملين رپيا، طورخم ڪسٽمز اسٽيشن ۾ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي من??وبي لاءِ 77.22 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس جي لاءِ زمين جي خريداري جي من??وبي لاءِ 140.27 ملين رپيا ۽ گجرات ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس جي لاءِ زمين جي خريداري جي من??وبي لاءِ 413.032 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.