اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ?? يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گ??يل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي سفير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ايس پ?? پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعا??ن پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.