اسلام ??با?? – 07– اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت جي عالمي ڏينهن تي ??هر??ن همراز ايپلي ڪيشن ۽ هيلپ لائين شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شهرين جي ڀلائي ۽ ذهني صحت جي بهتري لاءِ اها ايپ انتهائي مددگار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي خ??شي ٿي رهي آهي ته صحت جي عالمي ڏهاڙي تي همراز ايپ جاري ڪئي وئي، شهرين جي ڀلائي ۽ خاص طور تي ذهني صحت اسان جي معاشري جي بهتري لاءِ اهم آهي. هن چيو ته اسان کي ذهني صحت بابت اڻوڻندڙ سلوڪ کي ختم ڪرڻو پوندو.