اسلام آباد – 15 – مارچ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ملايشيا، پرتگال، ڪوسوو، ليٿوانيا ۽ ايڪواڊور جي نامزد سف??رن سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پاڪستان ۾ ملائيشيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، پاڪستان ملائيشيا سان معيشت، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌ??ڪ مستحڪم ڪ??ڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ملائيشيا ۽ آسيان جي منڊين ۾ پاڪستاني شين تائين پهچ ملائيشيا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ٻطرفو واپار وڌائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر مختلف معاملن تي عالمي فورمز تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيا. صدر سان پاڪستان ۾ پرتگال جي نامزد سف??ر پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار، زراعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌ??ڪ آبادي جي وڏي منڊي آهي، ??رتگالي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. صدر چيو ته واپاري وفدن کي تعاون جي شعبن جي ڳولا لاءِ سهولت فراهم ڪ??ڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي لاءِ ڪوسوو جي نامزد سف??ر پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوسوو سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ڪوسوو سان اقتصادي لاڳاپن جي توسيع پاڪستان جي اهم ترجيح آهي، ??اڪستان اڀرندڙ منڊي آهي، سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا قائم ڪ??ڻ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ اهم قدم هوندو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي لاءِ ليٿوانيا جي نامزد سف??ر پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون وڌ??ڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، ??اڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر پاڪستان جي لاءِ ايڪواڊور جي نامزد سف??ر ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ايڪواڊور سان سياسي، اقتصادي، ??اپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.