لاهور – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، مستقبل انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن جديد سائنسي شعبن ۾ ترقي سان واڳيل آ??ي، تعليمي ادارن ۽ صنعت جي وچ ۾ بهتر رابطن سان نه رڳو نوجوانن کي موزون روزگار جا موقعا ملندا پر ان سان صنعتي ترقي جا امڪان پڻ پ??دا ٿيندا، دنيا ۾ پنهنجو مقام بڻائڻ جي لاءِ علم ۽ هنر سان گڏوگڏ پاڻ کي مع??شي لحاظ کان به مضبوط بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوينورسٽي آف مئنيجمينٽ ايينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول ثمينه عارف علوي، فيڪلٽي ميمبرن، ڊينز، ڊائريڪٽرز، هيڊ آف ڊپارٽمينٽس، يونيورسٽي جي سينيئر انتظاميا سميت خصوصي شاگرد پڻ موجود هئا. صدر چيو ته اسان کي اسپيشل شاگردن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جي مع??شري ۾ محروم ماڻهن جو تناسب 10 سيڪڙو آ??ي، اسان کي مع??شري ۾ انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي ته جيئن انهن کي پنهنجي محرومين جو احساس نه ٿئي. هن چيو ته يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي اسپيسل شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ پروموٽ ڪري بهتر قدم کنيو آ??ي، معاشري ۾ اسان کي انهن محروم ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو ته جيئن اهي بهتعليم هاصل ڪري مع??شري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسپيشل ماڻهن جي پاڪستان ۾ نوڪرين ۾ جيڪا ڪوٽا موجود آهي ان ۾ به اضافو ٿيڻ گهرجي، رياست جي لاءِ ضروري آهي ته اها هر ماڻهو کي صحت جون سهولتون، تعليم ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن، پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو ٻار هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ وڃن ٿا جڏهن ته ان انگ کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مستقبل انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙي جديد سائنسي شعبي سان واڳيل آ??ي، ان جي تياري جي لاءِ شاگردن کي جديد علم ۽ هنر سان ليس ڪرڻو پوندو جنهن جي لاءِ تعليمي ادارن جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون اچڻ جو وڏو سبب اهو ئي رهيو آهي ته روايتي تعليم جديد دور جي گهرجن ۽ خاص طور تي صنعت جي ضرورت سان هم آهنگ نه آ??ي، اسان کي ان مسئلي جي حل لاءِ اڪيڊميا ۽ صنعت کي گڏائڻ جي ضرورت آ??ي، تعليمي ادارا صنعت جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي افرادي قوت فراهم ڪرڻ لڳن ته نه رڳو نوجوانن کي موزون روزگار جا موقعا ملندا پر ان سان صنعت جي ترقي جا امڪان پڻ پ??دا ٿيندا. صدر چيو ته ان جو خواب ۽ دعا آهي ته پاڪستان هڪ ترقي يافته ۽ طاقتور ملڪ بڻجي، ان جي لاءِ ان جي ذهن ۾ جنهن شعبي جو تصور سڀ کان پهرين اچي ٿو اهو انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جو شعبو آ??ي، ان شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جا شاندار امڪان آهن ۽ اهو مجموعي ترقي جا نوان رستا کولڻ جو پڻ اهم ذريعو آ??ي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ مشين لرننگ جي ميدان ۾ مهارت حاصل ڪري اسان پنهنجي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا. هن چيو ته هن وقت عالمي سطح تي مع??شي مفادن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، اسان کي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ جي لاءِ علم ۽ هنر سان گڏوگڏ پاڻ کي مع??شي لحاظ کان پڻ مضبوط بڻائڻو پوندو، بهتر نظم ۽ ضبط ۽ حڪمت عملي تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ اڏاوت سميت ٻين اهم شعبن ?? مثبت طرزعمل سان اڳڀرائي جاري رهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻجڻ کان ڪير روڪي نه سگهندو. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عالمي حرڪيات کي تبديل ڪري ڇڏيو آ??ي، ان ڏس ۾ پاڪستان جي ضروري آهي ته سائنسي لحاظ کان ترقي يافته عالمي مارڪيٽن جي ضرورتن سان هم آهنگ تعليمي سڌارا ڪيا وڃن. ان ک??ن اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن جو مع??ئنو ڪيو جڏهن ته ريڪٽر يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ ٽيڪنالاجي صدر کي پڙهايا ويندڙ پروگرامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي پاران تدريسي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي ملڪ جي مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان اهم قدم قرار ڏنو. ان ک??ن اڳ نگران صوبائي وزير ۽ ڊائريڪٽر ابراهيم حسن مراد ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ صدر اسپيشل اسٽڊي سينٽر جو دورو ڪيو ۽ خصوصي ٻارن جي ٺاهيل سمورين شين کي ساراهيو.