اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارتي ميڊيا ۾ رپورٽس جي حوالي سان ??يو آهي ته اسان ان ڪيس کي ڏسي رهيا آهيون، اسان ان جي وقت ۽ ان جي کڻڻ جي انداز تي حيران آهيون، اسان جي مشنز تي ??ين??ڙ ماڻهن سان بدسلوڪي تي زيرو ٽالرنس آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ رپورٽس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??يو آهي ته اسان سمورا ويزا ۽ قونصلر درخواست ڏيندڙن سان مناسب ادب ۽ سلوڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. اسان جي سموري سفارتي عملي کي سخت هدايتون ڏنيون ويون آهن ته اهي پنهنجو پاڻ کي پيشيواراڻي انداز ۾ هلائين. هن ??يو ته اسان ان ڪيس کي ڏسي رهيا آهيون، اسان ان جي وقت ۽ ان جي کڻڻ جي انداز تي حيران آهيون. سمورين عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ مضبوط مڪينزم موجود آهي، اسان جي مشنز تي ??ين??ڙ ماڻهن سان بدسلوڪي تي زيرو ٽالرنس آهي.