اسلام آباد– 20 – جنوري (اي ??ي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي مارڪيٽ آهي، جتي توانائي، انفراسٽرڪچر، اي ڪامرس، زرعي صنعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ انهن جا منتظر آهيون. خليج ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ وزي??اع??م چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 22 – 2021ع دوران 25.40 سيڪڙو جي اضافي سان گڏ 10 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هو، جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار جي اها سطح هاڻي به ٻنهي ملڪن ج?? لاڳاپن جي صحيح عڪاس نه آهي، اسان پنهنجي موجوده اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪار?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزي??اع??م چيو ته اسان پنهنجي اقتصاد?? لاڳاپن کي بهترين سياس?? لاڳاپن جي برابر آڻڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون جا نوان رستا ڳولي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت سان گڏ تعاون جي گنجائش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي بحالي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ان جي قيادت جي قدمن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. گڏيل عرب امارات ۾ 17 لک پاڪستاني عزت ۽ احترام سان پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. وزي??اع??م چيو ته مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ دوستي جو بنيا?? رکيو، ان جي خواهش هئي ته پاڪستان جو شمار سرگرم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي، اسان ان جي درياهه دلي ۽ سخاوت کي وڏي عرصي تائين يا?? رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ابوظهبي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي، بدين، شڪارپور ۾ امدادي سامان جي پهچ جي لاءِ هڪ هوائي پل قائم ڪئي وئي. نومبر 2023ع ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس سي او پي 28 جي ميزباني ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزي??اع??م چيو ته پنهنجي موسمياتي سفارتڪاري جي حصي طور پاڪستان عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي تي بحث، ڳالهين ۽ عمل ۾ تعميري تعاون جاري رکندو.