صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، ان پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ان بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جڏهن ته وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته 88 سيڪڙو متاثرين ۾ 25 هزار رپيا جي روڪ رقم ورهائي وئي آهي، گهرن جي نقصانن تي معاوضي جي ادائيگي جو ڪم به جلد شروع ڪيو ويندو، علائقي ۾ بيٺل پاڻي فصل پوکيءَ جي لاءِ به استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جي دوري جي موقعي تي وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته ماڊل اسڪول جي پي سي ون ٺاهي وئي آهي، اسڪول کي جلد مڪم?? ڪيو ويندو، جنهن تي وزيرا??ظم چيو ته اهو اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل متاثرين کان نه ورتا ويا، 25 هزار رپين جي روڪ رقم جي لاءِ 3 هزار 900 کان وڌيڪ خاندانن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي، اهو عمل ٿورو سست آهي جنهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذميوارن کي به هتي گهرايو ويو آهي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کان متاثر 5 ضلعن ۾ مشينري ڪم ڪري رهي آهي، وبائي مرضن کي روڪڻ جي لاءِ اسپري ڪئي وئي آهي، 11 هزار 126 خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا ويا آهن. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته فلڊ ريليف جو ڪم 88 سيڪڙو مڪم?? ڪيو ويو آهي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ جي حوالي سان معاوضي جي ورڇ جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي، ان جي لاءِ انگ اکر هڪ هفتي ۾ مڪم?? ڪيا ويندا. وزيرا??ظم ان موقعي تي آبادگارن کي ٻج جي فراهمي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ته ان جي لاءِ 16 ارب رپين جو پلان ٺاهي موڪليو ويو آهي، ان حوالي سان 25 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ اجلاس رکيو ويو آهي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته متاثرين ۾ هڪ لک کان وڌيڪ خيما ورهايا ويا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته صحبت پور جو علائقو بلوچستان ۾ ٻوڏ کان بري طرح متاثر ٿيو آهي، هتي هر طرف پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿي آهي پر اهو اڃا تائين موجود آهي. هن چيو ته متاثرين ۾ 25 هزار رپين جي ورڇ جو ڪم 86 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، 5 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، اهڙي طرح انهن علائقن جي متاثرين کان 300 يونٽ تائين جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل انهن کان نه پيا ورتا وڃن. وزيرا??ظم چيو ته ٻجن جي ورڇ جو ڪم صوبن سان گڏجي شروع ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ پاڻي بيهڻ تي ڳڻتي آهي، ڇو ته ان سان بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون جنهن سان وڏي پئماني تي نقصان جو خطرو آهي، ان پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ انتظام ڪيو وڃي، ان تي ماهر ويهي ۽ طئي ڪن جيڪڏهن اهڙي طرح پاڻي بيٺل رهيو ته ان سان تمام وڏو نقصان ٿيندو. اين ڊي ايم اي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان رابطو ڪري ان پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪري. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته 5 فلٽريشن پلانٽ به پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ لڳايا ويا آهن. جڏهن ته وزيرا??ظم ج?? هدايت تي متاثرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم ڪيو پيو وڃي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته پٽ فيڊر ڪينال جي مڪمل طور تي مر??ت ڪئي وئي آهي، 3 هزار ايڪوا ٽيبليٽ ۽ 70 هزار مهاريُون ورهايون ويون. مليريا جي شرح 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته ان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته متاثرين کي ريليف ۽ خيمن جي ورڇ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيرا??ظم کي ڪمشنر ٻڌايو ته پٽ فيڊر ڪينال سان گڏ پاڻي ڪڍڻ جو نظام به موجود آهي، جنهن جي ذريعي اهو بيٺل پاڻي ڪڍيو وڃي، جتي به گهارا پيا هئا، انهن کي بند ڪيو وڃي، ماڊل اسڪول جي جڳهه تان پاڻي ڪڍيو ويو آهي. وزيرا??ظم انهن ک?? هدايت ڪئي ته ان اسڪول جو منصوبو هڪ مهيني ۾ مڪم?? ڪيو وڃي. ان موقعي تي وزيرا??ظم سان بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ بي اين پي جو اڳواڻ اختر مينگل به گڏ هئا.