اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعب?? ۾ ??رڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيت?? ۾ ??ضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين به آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عوام کي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرور?? آهي، صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب تربيت ڏيڻي پوندي، سرڪاري ملازمن جي صلاحيت?? ۾ ??ضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، سرڪاري ملازمن مهارت?? ۾ ??ضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي لاءِ تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرور?? آهي. هن چيو ته آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعب?? ۾ ??رڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين به آهي، هن چيو ته بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرور?? آهي، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگهي مدي واري معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرور?? آهي. منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ايس پي پي کي ڊگري جاري ڪرڻ واري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گورنرز اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ايس پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي لاءِ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي لاءِ نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي اين ايس پي پي جو پبلڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، ان جو مقصد پاڪستان جي گهڻ رخي ۽ سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي.